قاضي دوست محمد

قاضي دوست محمد : قاضي دوست محمد ولد محمد بقا 1918ع ڌاري ڳوٺ ترائي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور جي مشهور قاضي خاندان ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم والد کان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ مٺڻ ڪوٽ، چنل ڪوٽ، ملتان، چنل ديري ۽ رتيديري ۾ پڙهيو. درس نظاميءَ جا پويان ڪتاب پير ڳوٺ جي مدرسي ۾ پڙهي فاغ التحصيل ٿيو. هن ڪجهه وقت پريلي (ڀارت) مان به تعليم حاصل ڪئي. سنڌي فائنل ڪري پرائمري استاد به ٿيو. قرآن مجيد، حديث نبوي، عربي، فارسيءَ تي اعليٰ ڄاڻ هئس. شاهه جي بيتن سان به شغف هئس. بهترين مقرر ۽ خطيب هو. هن کي ’بلبل سنڌ‘ جو خطاب ڏنو ويو. سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ سندس واعظ جي هاڪ هئي. درگاهه شريف ذاڪري سڪرنڊ ۾ عرس ۽ ٻارهي جي موقعن تي پابنديءَ سان شريڪ ٿي واعظ ڪندو هو. آخري زندگيءَ ۾ ڳوٺ خانواهه لڳ آباد ڀُٽي ۾ مدرسو قائم ڪيائين، جنهن جو مهتمم به خود هو. سندس آخري آرام گاهه خانواهه ڳوٺ جي قبرستان ۾ آهي. قاضي دوست محمد پهرين رجب 1407هه/2 مارچ 1987ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.03.02  عيسوي

قاضي دوست محمد پهرين رجب 1407هه/2 مارچ 1987ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سومار خان استاد ننڍو
صدرالدين ميمڻ
ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي
حاجي علي محمد کوسو
برڪلي
جانڻ چن
لقمان کوکر
زنگي خان ٽالپر
بولا خان جاکرو
پير غلام مجدد سرهندي مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون